ڪنڌڪوٽ : اغوا ٿيل معصوم عظيم ميڻڪ سميت اغوا ٿيلن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آريسر جساف جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو جماعت اسلامي پاران به احتجاجي ڪيمپ جاري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي اربع تي شٽربند ھڙتال جو اعلان
خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر پوليس امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي رسالدار مان اغوا ٿيل کيرپياڪ معصوم محمد عظيم ميڻڪ، وڪيل مزار خان گولو، سندس جو معصوم ڀائيٽيو واجب گولو، پورھيت موتي رام، نندلال سميت ٻين مغوين ۽ وڌندڙ بدامني جي خلاف آريسر جساف پاران روحل باجڪاڻي، عابدسنڌ يار، وسيم، زبير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جڏھن ته جماعت اسلامي جي سڏ تي 19 ڏينهن به گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ تي حافظ نصر اللّٰه چنہ، غلام مصطفيٰ ميراڻي، مولوي خان محمد ملڪ، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، بشير ميراڻي، ظريت بجاراڻي، درپن ڪمار، غلام رسول ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو پوليس جي نااھلي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي ضلعي اندر امن امان جي صورتحال خراب ھجڻ خلاف اربع جي ڏينهن مڪمل شٽربند ھڙتال جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي سياسي سماجي، شھري اتحاد ھندو پنچائت سميت ڪاروباري طبقي پاران ھڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي،