سکر: ۾ ڪرائيم زيرو ٿي ويو آهي، چوريون ۽ ڌاڙا ختم ٿي ويا آهن، سکر مان هڪ به ماڻهو اغوا ناهي ٿيل، ڪراچي جي صحافين کي گهرائڻ جو مقصد هو ته حقيقي شيون ڏسيون وڃن، جيستائين ڏوهارين کي رستا روڪ نه ڪئي ويندي ان وقت تائين مسئلو مڪمل حل نه ٿيندو. رونتي جي ڪچي کان سکر تائين بند تائين 5 سئو ميٽرن تائن پوليس پڪٽ قائم ڪيا ويندا، گهوٽڪي کان سکر تائين 3 مني پوليس لائين ٺاهيون ويندو جيڪي حملي جي صورت ۾ پوليس کي هٿيار ۽ سامان پهچائينديون، صحافين تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪچن ۾ هٿيار پهچائڻ واري عمل خلاف گڏيل آپريشن ڪيو ويندو، پريا ڪماري جي 10 محرم تي لاپتا ٿي هئي ان ڏينهن موبائل بند هئا جنهن ڪري جيئو فيس نه ٿي ڪري سگهجي، پريا جي ويجهن مائٽن کي جاچ ۾ شامل ڪيا ويا پر انهن جي وارثن تعاون نه ڪيو، ان ڪيس ۾ ڏنل موبائيل جا پاسورڊ به نه ڏنا ويا، هر پاسي کان جاچ ڪري رهيا آهيو پريا جي والدين تعاون نه پيا ڪن، جن به اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي اها جاچ بعد ڪئي وئي آهي