ٺڪراٺو ويجھو نينگر ٽريڪٽر ٽرالي تان ھيٺ ڪري فوت گھر ۾ ڪھرام خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو روپھر جي علائقي ڳوٺ سرنوارو ۾ 14 ورھين جو نينگر عبدالرزاق مھر پٽ محمد امين مھر ٽريڪٽر ٽرالي تان ھيٺ ڪري فوت ٿي ويو جنھن جي مڙھ کي گھر آندو ويو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو سندن وارثن رابطي تي ٻڌايو ته ٽريڪٽر ٽرالي تي واري کڻائي رھيا ھئاسين ته نينگر ٽريڪٽر ٽرالي تان ھيٺ ڪري پيو جنھن سبب ھو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جي جنازي نماز بعد سندس مڙھ کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.