ڪنڌڪوٽ : ۾ پاڪ فوج سان ٻڌي جي اظھار ۽ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ھندو برادري طرفان ھندو پنچايت جي اڳواڻ سينئر صحافي دليپ ڪمار ٺاڪر ـ راجا گوپي چند ـ گھنشام داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائين پاڪ فوج زنده آباد ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻ صحافين سميت شھرين ۽ ھندو برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جھنڊا ۽ بينرر کڻي زوردار نعرا ۽ ريلي پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جي نعرن سان گونجي اٿي ـ ريلي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪ فوج ھر مشڪل وقت ۾ نه صرف سرحدن جي حفاظت ڪئي آهي بلڪي ملڪ کي به سنڀاليو آهي اسان ھر وقت پاڪ فوج سان گڏ آھيون پاڪ فوج ئي ملڪ جي سلامتي جي ضامن آهي ھنن چيو ته 9 مئي واري سانحي جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي ـ پاڪ فوج جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ـ پاڪ فوج ۽ جناح ھائوس تي حملا ڪندڙ ڪنهن به صورت پاڪستان سان سچا ۽ مخلص نه آهن ـ ريلي ۾ پاڪ فوج جي شھيدن کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو ويو ـ