ڪنڌڪوٽ : بخشاپور ٿاڻي جي حد ڇڻڪو اسٽاپ وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي نامعلوم ھٿياربندن جي مھراڻ ڪار مٿان فائرنگ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪشمور جو رھواسي تابع دين کوسو قتل ٿي ويو جڏهن ته مقتول تابع دين کوسو بلوچستان جي علائقي جھٽ پٽ کان ڪشمور واپس پنهنجي گهر طرف اچي رهيو هو ته بخشاپور ٿاڻي جي حد ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي سندس ڪار مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني اطلاع بعد بخشاپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش پنھنجي تعويل ۾ وٺي ڪشمور اسپتال کڻاھي وئي جتان ضروري ڪارواين بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو