پنو عاقل ۾ ڦر دوران 3 ڦورو مارجي ويا

پنو عاقل ۾ ڦر دوران شهرين ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ ٽي ڦورو مارجي ويا.پوليس موجب پني عاقل ڪينٽ ٿاڻي جي حدن ۾ ڦورن واپاري کي لُٽڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهرين ۽ پوليس کين گھيري ورتو.پوليس ٻڌايو ته واپاري جي فائرنگ ۾ 1 ڦورو مارجي ۽ ٻه گھوٽڪي فرار ٿي ويا.پوليس جو چوڻ هو ته پوليس ۽ علائقي واسين ڦورن جو پيڇو ڪري فرار ٿيندڙ ٻنهي ڦورن کي به ماري ڇڏيو جڏهن ته ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ شهري مارجي ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس موجب سکر ۽ گھوٽڪي پوليس زخمي ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.