سنڌ :جي سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياستدانن کي لڪڻ بجاءِ ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي سوچ آمراڻي آهي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ اها پارٽي چئي رهي آهي ته اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي. چونڊون مٿان آهن اسان ڪنهن به قسم جي تعصب جي ڳالهه نه ڪنداسين. اوهان کي جيترو ڪوڙ ڳالهائڻو آهي ڳالهائيندا رهو، هاڻ اوهان سان مقابلو چونڊن واري ڏينهن ٿيندو.صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي چونڊون کٽي ٻيهر اقتدار ۾ ايندي. اڄ صحت جي سهولتن ۾ ڪراچي پهرين نمبر تي آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به چور دروازي کان اقتدار ۾ نه آئي آهي. پيپلز پارٽي جيتريون قربانيون ڏنيون آهن اوتريون ڪنهن ٻئي پارٽيون نه ڏنيون آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي آمريت، جوڊيشل ايڪٽو ازم جو مقابلو ڪيو، اسان جو مقابلو سياسي پارٽين سان نه سسٽم ۽ غربت سان آهي. هن چيو ته لاڏلي کي گهر ويٺي ضمانتون ملي وينديون آهن. بدقسمتي سان عدالتن جو پيپلز پارٽي سان رويو تمام گهڻو سخت رهيو آهي.