وفاقي سرڪار بجلي جي قيمت ۾ 5 روپيه واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

پاڪستان :۽ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) وچ ۾ ٿيندڙ اسٽينڊ باءِ معاهدي کان پوءِ بجلي جي قيمت ۾ 5 روپيه واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر آءِ ايم ايف جي شرط کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 4 روپيه 96 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيو ويو آهي.نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب قيمتن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيو ويندو. اهڙي اعلان بعد بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ سان بيسڪ ٽيرف في يونٽ 29 روپيا 78 پئسا ٿي ويندو.24-2023 لاءِ بجلي جو بنيادي نرخ مقرر ڪيو ويو آهي ان کان اڳ بجلي جو بنيادي اگهه 24 روپيه 82 پئسا هو. نيپرا موجب بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو سبب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي بجلي جي وڪرو ۾ گهٽتائي ۽ ظرف جي ادائيگي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جا سبب آهن.