ڪنڌرا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڪنڌرا يوٿ ڪاميٽي ۽ پيس ايجيوڪيشنل اڪيڊمي ڪنڌرا جي تعاون سان ڪنڌرا اسٽان ڀرسان ٽي روزا بڪ اسٽال سنڌيڪا بڪس شاپ سکر وارن جي تعاون سان لڳايو ويو جنھن ۾ ڪنڌرا آسپاس جي علائقن جي نوجوانن،شاگردن،شاعرن،اديبن، صحافين ۽ علم، ادب سان چاھ رکندڙ دوستن جي ڀرپور شرڪت ڪئي بڪ اسٽال لڳڻ سبب ڪنڌرا واسين ۾ خوشئے جي لھر ان موقعي تي اسٽال تي موجود ماڻھن ڳالھائندي چيو ت ڪنڌرا جي نوجوانن کي گھرجي ڪتابن طرف رجوع ڪن ۽ علم حاصل ڪري ڪنڌرا ۽ سندن والدين جو نالو روشن ڪن