گوگل جو ڊيٽا سينٽر

گوگل جو ڊيٽا سينٽر سيٽلائيٽ آن لائن،

گوگل جو ڊيٽا پروسيسنگ سيٽلائيٽ آن لائن ٿي ويو آھي، جنھن پنھنجي ڪم جي شروعات ڌرتيءَ بابت ھڪ ھائيڪو (مختصر جاپاني شاعري) لکڻ سان ڪئي. ڪمپني جي سنڪچر (Suncatcher) منصوبي جي پروٽوٽائپ سيٽلائيٽ ھن ھفتي ڪم شروع ڪيو آھي، جنھن ۾ گوگل جو ٽينسر پروسيسنگ يونٽ (TPU) نصب ٿيل آھي.رپورٽن موجب، ھي سيٽلائيٽ آڪٽوبر ۾ اسپيس ايڪس ذريعي خلا ۾ موڪليو ويو ھو. گوگل جي ھن منصوبي جو مقصد خلا ۾ ڊيٽا پروسيسنگ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ سائنسي تحقيق لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ آھي.ھن منصوبي ذريعي مصنوعي ذھانت ۽ مشين لرننگ ٽيڪنالاجي کي خلا ۾ استعمال ڪرڻ جا امڪان پڻ ڳوليا پيا وڃن. سيٽلائيٽ پاران ھائيڪو لکڻ جو تجربو ان ڳالھھ جو مثال آھي تھ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي تخليقي ڪم بھ ڪري سگھجي ٿو.گوگل جو خيال آھي تھ مستقبل ۾ خلا ۾ ڊيٽا پروسيسنگ جي اھڙي نظام سان سائنسي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ لاءِ نوان رستا کلي سگھن ٿا.