واٽس ايپ ۾ ھڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنھن ذريعي چيٽ دوران صارفين کي سندن موبائل گيلري مان تازيون تصويرون ۽ وڊيوز تجويز ڪيون وينديون. ڄاڻايل فيچر اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ٻنھي استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب ھجڻ جو امڪان آھي.ھن نئين فيچر جو مقصد صارفين لاءِ تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ آھي، جيئن ھو پنھنجي گيلري مان تازو مواد آسانيءَ سان چونڊي سگھن.ھي سھولت واٽس ايپ جي موجودھ اسٽيڪر تجويزن واري نظام تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ لکيل پيغام ۽ استعمال ڪيل ايموجيز جي بنياد تي اسٽيڪر تجويز ڪيا ويندا آھن.نئين فيچر ذريعي چيٽ دوران گيلري ۾ موجود تازيون تصويرون ۽ وڊيوز سامھون اينديون، جنھن سان صارفين کي دوستن ۽ گھرڀاتين سان مواد شيئر ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.واٽس ايپ جي ھن نئين سھولت سان تصويرون ۽ وڊيوز موڪلڻ جو عمل وڌيڪ تيز ۽ آسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.