گوگل پنھنجي ويب برائوزر ڪروم جي ٽي-نقطي مينيو کي نئين سر ترتيب ڏيڻ تي ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ سرچ بار شامل ڪرڻ جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي. ھن تبديلي سان صارفين لاءِ گھربل سيٽنگون ۽ آپشن ڳولڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندا.ھن وقت ڪروم جي ٽي-نقطي مينيو ۾ ڪيترائي آپشن موجود آھن، پر انھن ۾ سرچ جي سھولت نھ ھجڻ سبب صارفين کي گھربل سيٽنگ ڳولڻ لاءِ مختلف ذيلي مينيوز ۾ وڃڻو پوي ٿو، جنھن ۾ وقت لڳي ٿو.نئين ڊيزائن ۾ سرچ بار شامل ٿيڻ سان صارفين سڌو سنئون پنھنجي گھربل سيٽنگ يا آپشن ڳولي سگھندا. ان سان مينيو استعمال ڪرڻ جو عمل وڌيڪ تيز ۽ آسان ٿيڻ جي اميد آھي.ٽيڪنالاجي جي ماھرن موجب، جيڪڏھن گوگل ھي فيچر متعارف ڪرايو تھ ڪروم استعمال ڪندڙن جي روزاني برائوزنگ جو تجربو وڌيڪ آسان ۽ بھتر ٿي سگھي ٿو.