پاڪستان جا نيا پاسپورٽ

پاڪستاني پاسپورٽ جي نو نمبرن ۾ تبديلي،

پاڪستاني پاسپورٽ جا نوان نمبر بين الاقوامي ضرورتن ۽ انتظامي گھرجن کي نظر ۾ رکندي 74 ھزار مان گھٽائي 49 ھزار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اھا ڄاڻ ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ محمد علي رندھاوا سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سان ملاقات دوران ڏني.محمد علي رندھاوا چيو تھ اھو قدم انتظامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کنيو پيو وڃي. ملاقات دوران پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي موجودھ طريقيڪار ۽ ان ۾ بھتري آڻڻ بابت پڻ ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي.ھن چيو تھ پاسپورٽ جاري ڪرڻ واري نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ تيز بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏھن تھ بين الاقوامي معيارن تي عمل ڪرڻ پڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آھي.سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر پاسپورٽ جاري ڪرڻ واري عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو تھ عام شھرين کي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ دوران پيش ايندڙ ڏکيائين کي گھٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گھرجن.