پي اسپيس سائنس تعليم سينٽر (PSSEC) عالمي روبوٽ اولمپياڊ (WRO) ايسوسيئيشن جي سھڪار سان پاڪستان ۾ روبوٽڪس جي تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ نوان موقعا فراھم ڪري رھيو آھي. اھو منصوبو نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان دلچسپي وڌائڻ لاءِ ھڪ اھم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.پي اسپيس سائنس تعليم سينٽر جو مقصد ھن شراڪت ذريعي ملڪ ۾ روبوٽڪس جي تعليم کي عام ڪرڻ آھي. پروگرام ۾ مختلف اسڪولن ۽ تعليمي ادارن کي شامل ڪيو ويندو، جتي شاگردن کي روبوٽڪس جا بنيادي تصور ۽ عملي تجربا سيکاريا ويندا.ھن پروگرام ذريعي نوجوانن کي روبوٽڪس جي شعبي ۾ مھارتون حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو، جيڪو مستقبل ۾ سندن روزگار جا موقعا بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوھ، پروگرام نوجوانن ۾ تخليقي سوچ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيتن کي بھ ھٿي ڏيندو.پي اسپيس سائنس تعليم سينٽر جي نمائندن موجب، ھن پروگرام جي شروعات سان پاڪستان ۾ روبوٽڪس جي شعبي ۾ نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنھن سان نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍجڻ جا موقعا ملندا.