اوپن اي آءِ طرفان چيٽ جي پي ٽي ۾ GIF ٺاھڻ جي نئين سھولت متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ھن فيچر ذريعي صارفين صرف پنھنجي خيال جي وضاحت ڪري يا ڪا تصوير اپلوڊ ڪري ان کي حرڪت واري GIF ۾ تبديل ڪرائي سگھندا.رپورٽ موجب، اوپن اي آءِ 4 نومبر تي ھن نئين سھولت بابت اعلان ڪيو. صارفين کي صرف اھو ٻڌائڻو پوندو تھ ھو ڪھڙي قسم جي GIF ٺاھڻ چاھين ٿا، جنھن کانپوءِ چيٽ جي پي ٽي سندن ھدايتن مطابق لوپ ۾ ھلندڙ متحرڪ تصوير تيار ڪندو.ھن کان اڳ GIF ٺاھڻ لاءِ مختلف مرحلن مان گذرڻو پوندو ھو، پر نئين سھولت سان اھو عمل وڌيڪ سادو ۽ آسان بڻجي ويو آھي.ھن فيچر ذريعي صارفين پنھنجن خيالن کي تخليقي انداز ۾ پيش ڪري سگھندا. خاص طور تي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ۽ مواد ٺاھيندڙن لاءِ اھا سھولت فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي.اوپن اي آءِ جي ھن قدم سان مصنوعي ذھانت ذريعي تصويرن کي متحرڪ بڻائڻ ۽ تخليقي مواد تيار ڪرڻ جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.