پاڪستان ۾ سمارٽ فونن جي وڌندڙ قيمتن سبب لکين ماڻھن لاءِ موبائل فون خريد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آھي. ڪيترائي ماڻھو مھانگائي سبب سمارٽ فون خريد ڪرڻ جي سگھھ نٿا رکن، جنھن ڪري کين انٽرنيٽ ۽ آن لائن سھولتن تائين رسائي ۾ ڏکيائي پيش اچي رھي آھي.موجودھ سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ سمارٽ فون جي ضرورت ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي، خاص طور تي نوجوانن لاءِ، جيڪي آن لائن تعليم، معلومات ۽ ٻين ڊجيٽل سھولتن تائين پھچ حاصل ڪرڻ چاھين ٿا. پر فونن جون وڌندڙ قيمتون ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ رڪاوٽ بڻيل آھن.سمارٽ فون قسطن تي فراھم ڪرڻ جون مختلف اسڪيمون پڻ متعارف ڪرايون پيون وڃن، پر ان باوجود ڪيترائي ماڻھو انھن سھولتن مان فائدو حاصل نٿا ڪري سگھن.ماھرن موجب، سمارٽ فونن جون قيمتون گھٽائڻ ۽ قسطن تي خريداريءَ جا آسان طريقا متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آھي، جيئن وڌيڪ ماڻھو ڊجيٽل سھولتن تائين رسائي حاصل ڪري سگھن.تعليم، معلومات ۽ روزگار جي وڌندڙ ڊجيٽل ضرورتن کي نظر ۾ رکندي، سمارٽ فونن جي عام ماڻھن تائين پھچ آسان بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي قدم کڻڻ گھرجن.