امريکي انتظاميھ ۾ ايران جيخلاف حڪمت عملي

ايران بابت آمريڪي انتظاميا ۾ حڪمت عملي تي اختلاف

آمريڪي انتظاميا ۾ ايران بابت حڪمت عملي تي اختلاف سامھون اچڻ جون خبرون آھن، جن ۾ نائب صدر جي ڊي وينس جو موقف خاص اھميت رکي ٿو. وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ۾ ايران خلاف فوجي ڪارروائي ختم ڪرڻ بابت بحث جاري آھي.رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ نائب صدر جي ڊي وينس ايران بابت ٽرمپ جي پاليسي سان اختلاف رکي ٿو. سندس موقف موجب، ايران خلاف فوجي ڪارروائي ختم ڪرڻ بابت فيصلو آمريڪا جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اثرانداز ٿي سگھي ٿو.آمريڪي انتظاميا اندر انھن اختلافن جا اثر نھ رڳو ملڪ جي اندروني سياست، پر ايران سان لاڳاپن ۽ عالمي سفارتي صورتحال تي پڻ پئجي سگھن ٿا.موجودھ صورتحال ۾ ايران بابت آمريڪي قيادت جا مختلف موقف اھميت اختيار ڪري ويا آھن، جڏھن تھ مستقبل ۾ ٿيندڙ فيصلا آمريڪا جي علائقائي ۽ عالمي پاليسين جي رخ جو تعين ڪري سگھن ٿا.