ڪرمپور جي صحافي جي چوري ٿيل مهراڻ ڪار رڪور ڪرائي, ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

خبر موجب : ڪرمپور ڀرسان ٺل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادشاه خان بنگلاڻي مان (3) هفتا اڳ ڪرمپور جي صحافي دريا خان بنگلاڻي جي چوري ٿيل مهراڻ ڪار حد جي ٺل بي سيڪشن پوليس رڪور نه ڪرائي سگهي, ڪرمپور جي صحافين جي سڏ تي ڪرمپور سميت مختلف شهرن جي صحافين حبيب الله بهلڪاڻي, عطاء الرحمان ملڪ, سرمد ڪنراڻي, جاويد عثمان بجاراڻي, دريا خان بنگلاڻي, عبدالقادر پهوڙ, ثناءُ الله بجاراڻي, ذوالفقار نصيراڻي, سيف الله بجاراڻي, غلام ياسين جعفري, شيرزمان بجاراڻي, شاهد حسين نصيراڻي, علي شير جعفري, سهيل بنگلاڻي, حسين بخش چولياڻي فيض محمد بجاراڻي, عرض محمد جعفري, سينگار نصيراڻي, ڪي, بي بنگلاڻي, شهنواز بجاراڻي, شربت علي جعفري, جماعت اسلامي ڳواڻ مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي ۽ ٻين سياسي, سماجي, مذهبي ۽ علائقي واسين جي اڳواڻي ۾ ٺل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪنڌڪوٽ ٺل مين روڊ شيرواه وٽ روڊ بلاڪ ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو, ماهرين چوري واقعي خلاف سخت نعري بازي ڪندي صحافي جي چوري ٿيل مهراڻ ڪار ترت رڪور ڪرائڻ ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو, ڪيترائي ڪلاڪ روڊ تي ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون, ٻئي ضلعي جيڪب آباد جي چيئرمين طاهر خان کوسو, جي, يو, آء پي, ايس 2 اميدوار شفيق خان کوسو, فضل الاهي خان بنگلاڻي ۽ ٻين معززين همدردي طور صحافين جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري حمايت جي خاطري ڪرائي, هوڏانهن ٺل بي سيڪشن ايس, ايڇ, او منور خاصخيلي ۽ جونگل پوليس انچارج اي, ايس, آء علي گل چولياڻي پوليس نفري ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهتا, پوليس مظاهرين سان ڪامياب ڳالهيون ڪري, انصاف خاطري ڪرائڻ بعد مظاهرين کان روڊ کولرائي ٽريفڪ جي رواني کي بحال ڪيو