اڱاري جي صبح ڪراچي جي علائقي صدر واري موبائيل مارڪيٽ ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن لڳ ڀڳ درجنين دڪانن کي سڙي رک ڪري ڇڏيو باهه جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جون گاڏيون ۽ امدادي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا. باهه وسائڻ واري عمل ۾ 10 فائر ٽينڊرز ۽ 2 باوزر حصو ورتو فائر برگيڊ عملي دڪانن جا تالا ۽ شٽر ٽوڙي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو، ٻڌايو پيو وڃي ته بازار ۾ باهه لڳي وئي. گرائونڊ فلور تي بيٽري جي دڪان ۾ باهه لڳڻ سبب مارڪيٽ سڙي رک ٿي وئي. فائر برگيڊ جي گاڏي دير سان پهتي ۽ باهه وسائڻ جا ڪي به اوزار نه هئا، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بروقت بجلي بند ڪري ها ته باهه وڌيڪ نه پکڙجي ها. اسان ٽيڪس ادا ڪريون ٿا پر حڪومت اسان کي ڪنهن به قسم جو تحفظ نه ٿي ڏئي باهه جي حوالي سان اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر رضوان عرفان جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ جي گرائونڊ فلور تي 800 کان وڌيڪ دڪان آهن. مارڪيٽ ۾ فائر سيفٽي موجود آهي پر باهه تمام تيزيءَ سان دڪانن ۾ پکڙجي وئي ۽ باهه لڳڻ سبب 100 کان وڌيڪ دڪان متاثر ٿيا، ٻئي طرف فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي پر اتي موجود بازار ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا دڪان آهن، جنهن بعد امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش آيون. هڪ حصي ۾ اڃا به باهه ٻر رهي آهي ۽ ان کي وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن. باهه لڳڻ سبب درجنين دڪان سڙي فوت ٿي ويا، هنن چيو ته ڪولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد معلوم ٿيندو ته باهه ڪهڙي سبب لڳي.