سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي جي 61 ھين سالگراھ تعلقا ايس ٽي پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور پاران ملھائي وئي

جنھن موقعي تي ايس ٽي پي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگراھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي سندس لاءِ وڏي ڄمار صحت سلامتي لاءِ دعائون گھريون ويون سالگراھ جي شاندار تقريب ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جيوڻ سبزوئي خادم حسين ملڪ پپو چاچڙ محمد نواز سبزوئي شير محمد سبزوئي سميت ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جو سچو ۽ کرو اڳواڻ آهي جنھن سنڌ جي بقاءَ ۽ ترقي لاءِ مسلسل جدوجهد وسيلي حقن جي حاصلات لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي