ميھڙ ڀرسان فريد آباد لنڪ روڊ سم شاخ ڀرسان خيرپور ميرس جي ڳوٺ خدا بخش ھيسباڻي سان تعلق رکندڙ درگاھ شاھ گودڙيو جي زائرين جي تيز رفتاري سبب ٽريڪٽر ٽرالي ٽاء راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿيڻ ڪري سم شاخ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 معصوم ٻارڙن ۽ 30 عورتن سميت 60 کان وڌيڪ ماڻھو سخت زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ معصوم ٻارڙو سائم هيسباڻي، فرمان ھيسباڻي، طاحا، فزا، مسمات عزت خاتون، صابر ھيسباڻي، نظير ھيسباڻي، مسمات ايمرا ھيسباڻي، امتياز ھيسباڻي، غلام اصغر، انس ھيسباڻي، مسمات مختيار، مسمات نائلا، توفيق ھيسباڻي شامل آھن اھڙو اطلاع ملڻ تي 1122 جون ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي سم شاخ مان ٻاھر ڪڍي علاج لاء تعلقا اسپتال ميھڙ پھچايو ويو جتي انتظامپا پاران ايمرجنسي نافذ ڪندي زخمين کي فوري طور تي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ڊاڪٽرن موڃب 30 کان وڌيڪ زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پيو وڃي.جڏھن تہ واقعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ خدابخش ھيسباڻي کان درگاھ شاھ گودڙيو ڏانھن سکا کڻي ويندڙ زائرين سان ميهڙ قاضي عارف لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽاء راڊ ٽٽڻ سبب پيش آيو آھي ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر نياز حسين جمالي تعلقا اسپتال ميھڙ پھچي ايم ايس ڊاڪٽر ھدايت کوسو کان انتظامن جا تفصيل ورتا.