اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 16هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. سندس يوم شهادت تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسي جون تياريون جاري آهن. پنهنجي اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو ڳڙهي خدا بخش ۾ پهچڻ جوسلسلو جاري آهي شهيد راڻي جي سورهين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو سميت مختلف شهرن ۾ قرآن خواني جيالن پاران رت جا ڏيئا ٻاري شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي اوڀر جي نياڻي جو لقب ماڻيندڙ شهيد بينظير ڀٽو جي والد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو. 2 ڀائر قتل ڪيا ويا. بدترين آمريتن کي منهن ڏيندڙ شهيد راڻي جلاوطني جا ڏک به برداشت ڪيا پر جمهوري جدوجهد کان پوئتي نه هٽي کيس اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هجڻ جو اعزاز به حاصل رهيو بينظير ڀٽو کي سياسي تجزيه نگار پاڪستان ۾ سخت ترين چيلينجن کي منهن ڏيندڙ اڳواڻ به چوندا آهن ان کان علاوه بينظير ڀٽو جو شمار ايشيا جي اهڙين شخصيتن ۾ ٿيندو آهي جنهن جي پذيرائي عالمي سطح تي پڻ ٿي بينظير ڀٽو 21 جون 1953 تي ڪرچاي ۾ پيد اٿي. ڪائوينٽ آف جيرز اينڊ ميري ڪراچي گرامر اڪسول ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي جڏهن ته هارورڊ ۽ آڪسفورڊ اهي درسگاهون آهن جتان کان هن پوليٽيڪل سائنس ۽ عالمي قانون ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي تان واپسي تي سندس مٿان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ عوام جي محبوب اڳواڻ شهيد ٿي وئي. بينظير ڀٽو کي لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدا بخش ۾ والد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڀائرن مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.