پاڪستان ميزائل ”فاٿ ٽو“ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪستان جديد نظام سان ليس ميزائل ”فاٿ ٽو“ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب ميزائل جديد ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد رفتار سان ليس آهي. ٻه 400 ڪلوميٽرن تائين هدفن کي مارڻ جي قابل آهن. پاڪ فوج جي ترجمان موجب هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن ڪامياب ميزائل تجربي جي شاهدي ڏيندي چيو ته پاڪستان 2021ع ۾ ملڪي سطح تي تيار ڪيل گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم فتح ون جو ڪامياب تجربو ڪيو هو، جنهن سان پنهنجي دفاعي صلاحيت ۾ اضافو ٿيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ملڪ ۾ تيار ڪيل فتح ون (گائيڊڊ ملٽي لانچ راڪيٽ سسٽم) جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي جيڪو روايتي جنگي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جو.