خيرپور : بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ وين کي حادثو، 22 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي

خيرپور ۾ بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي وين جو مسافر وين سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جا 22 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيا ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين جو تعلق شهدادپور سان آهي. پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. واضح رهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي 16هين شهادت واري ڏهاڙي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ ريلي جون تياريون جاري آهن ملڪ جي مختلف حصن مان زائرين لاڙڪاڻي پهچي ويا، مزار تي فاتحه خواني جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 6 هين ورسي ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.