ڪنڌڪوٽ:غوثپور ڀرسان ڳوٺ قياس خان ڀيو واري علائقي ۾ زمين تي پيل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب ڪاٺيون ڪندڙ 9 سالن جو نينگر زوهيب ۽ 13 سالن جو آڪاش ڀيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ غوثپور ڀرسان ڳوٺ قياس خان ڀيو واري علائقي ۾ زمين تي پيل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب ڪاٺيون ڪندڙ 9 سالن جو نينگر زوهيب ۽ 13 سالن جو آڪاش ڀيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا۔ جڏهن ته مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب عمر ۽ ماجد سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي وارثن پاران ڪنڌڪوٽ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ زخمين مان ماجد ڀيو جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ ٻئي پاسي رينجرس ۽پوليس جو دراني مهر واري علائقي ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هلندڙ مسلسل آپريشن دوران مارٽر گولو زمين تي ڪريل هو ته مارٽر گولو اوچتو ڦاٽڻ سبب ٻھ نينگر مارجي ويا آهن جڏهن ته ٻھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن ۔جن کي ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته زمين تي ڪريل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي فوتي نينگرن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آھي