ڪنڌڪوٽ:غوثپور ۽ ڀرپاسي مان مبينه طور ٻھ نوجوان وڌيڪ اغوا ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ: رپورٽر عبدالخالق چاچڙ غوثپور ۽ ڀرپاسي مان مبينه طور ٻھ نوجوان وڌيڪ اغوا ٿي ويا۔ غوثپور واسي چئن سميت ٽوٽل مغوين جو انگ ٻارنھن ٿي ويو۔ مليل تفصيل موجب شھر ڀرسان آرڊي 219 جي ڳوٺ لال محمد ميراڻي مان گذريل رات ھوٽل تان ماني وٺڻ لا۽ ويل يارنھين ڪلاس جو شاگرد عرفان ميراڻي واپس نه موٽيو ته وارثن سندس ڳولھا شروع ڪئي رابطي نه ٿيڻ تي ھنن شڪ ڄاڻايو آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي۔ جڏھين ته ٻيو نوجوان ڳوٺ عارب بجاراڻي واسي غلام مرتضا بجاراڻي به گھران ٽن ڏينھن کان نڪري واپس نه وريو۔ سندس وارثن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏوھارين نوجوان جي رھائي لا۽ ڏھ لک ڀنگ به طلب ڪئي آھي۔ ٻنھي مغوي جي وارثن ٻڌايو ته اسان مسڪين ماڻھو آھيون ۽ روزانه پورھيو ڪري پنھنجو پيٽ پاليون ٿا۔ اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير بروھي کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسانجي ٻنھي نوجوانن کي ترت بازياب ڪرائي اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي