ڪنڌ ڪوٽ نامينشن فارمن جي جاچ پڙتال جو سلسلو جاري پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ گل محمد خان جکراڻي

ڳوڻو ايم پي اي حاجي عبدالروف کوسو سميت اين اي191 تي انھي مھل تائين 22 فارم بحال ٿي ويا فارم بحال ٿيڻ بعد گل محمد خان جکراڻي (سينئر) ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي انھي ڀيري مونکي اين اي 191 جي ٽيڪٽ ڏني ته سردارن ـ وڏيرن کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿي اھو ثابت ڪري ڏيکاريندس ته غريب عوام وڏيرن سردارن جي پويان نه پر پيپلزپارٽي سان گڏ آهي ۽ ھميشا رھندي ڪامياب ٿيڻ بعد ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور کي سنڌ جو ماڊل ضلعو بڻائي ڏيکاريندس سڄي عمر پيپلزپارٽي جي سياست کي ڏني آهي اڳوڻو صدر پاڪستان آصف علي زرداري ـ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ـ ادي فريال ٽالپر ـ سميت مرڪزي اڳواڻن کي ٽيڪٽ لاء اپيل ڪندس ته انھي ڀيري مون جيالو کي ٽيڪٽ ڏني وڃي