ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي سالياني چونڊ سرپرست اعليٰ گل محمد خان جکراڻي جي نگراڻي ۾ ٿي گذريون جنھن ۾ ٻن پينلن جيئي لطيف الفقراء ۽ پروگریسو پينل جي اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو جيئي لطيف الفقراءِ پينل سوڀارو ٿي ويو پيربخش بنگوار 28 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو راجا گوپي چند 30 ووٽ کڻي جنرل سيڪريٽري، امداد اللّّه کوسو 29 ووٽ کڻي سينئر نائب صدر جڏھن تہ فقير گوڪل داس 28 ووٽ کڻي خزانچي چونڊجي ويا نئي چونڊجي آيل باڊي کي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران مبارڪون ڏنيون ويون