نئين سال 2024ع جي آمد جي موقعي تي ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هٿيارن جي نمائش، هوائي فائرنگ تي پابندي لاڳو رهندي ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت قلم 144 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب هٿيارن جي نمائش، هوائي فائرنگ، فائر ڪريڪر هلائڻ تي پابندي هوندي نوٽيفڪيشن موجب پابندي 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري 2024 تائين لاڳو رهندي ياد رهي ته اها پابندي نئين سال جي موقعي تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ هنئي وئي آهي.