نيوزيلينڊ ۾ سال 2024 جي شروعات: شاندار آتشبازي جو مظاهرو

سال 2024 جي شروعات جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو ياد رهي ته پاڪستان ۾ نئون سال شروع ٿيڻ کان 9 ڪلاڪ اڳ ئي دنيا ۾ نئون سال شروع ٿي ويندو آهي ۽ سڀني کان پهريان بحرالڪاهل جي ٻيٽ ۾ نئون سال شروع ٿيندو آهي دنيا ۾ سڀني کان پهريان 2024 جي شروعات بحرالڪهال جي ٻيت ٽونگا ۽ ڪيريباتي ۾ شروع ٿي هتي پاڪستان کان 9 ڪلاڪ اڳ نئون سال شروع ٿي ويندو آهي. هن ننڍي ٻيٽ ۾ پاڪستاني وقت موجب ٻنپهرن جو ساڍي 3 وڳي کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويندو آهي نيوزيلينڊ دنيا جو اهو پهريون وڏو ۽ مشهور ملڪ جڏهن ته آڪلينڊ اهو پهريون شهر آهي جتي نئين سال جي شروعات سڀني کان پهريان ٿيندي آهي. نيوزيلينڊ کان پوءِ نئين سال جي شروعات روس جي پري پري جي ٻيٽن ۾ ٿيندو آهي جتي پاڪستاني وقت موجب 31 ڊسمبر جي شام 5 وڳي کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويندو آهي نيوزيلينڊ ۽ روس کان پوءِ نئين سال جي شروعات آسٽريليا ۾ ٿيندي آهي جتي پاڪستان جي شام 6 وڳي کان پوءِ نئون سال شروع ٿيندو آهي. پاڪستان جي شام 6 وڳي کان رات 8 وڳي تائين نئين سال جي شروعات آسٽريليا جي پري پري جي ٻيٽن ۾ ٿيندي آهي آسٽريليا کان پوءِ نئين سال جي شروعات جاپان ۾ ٿيندي آهي جنهن کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا سميت ويجهن ملڪن ۾ به نئين سال جي شروعات ٿيندي. جاپان، اتر ڪوريا، فلپائن، چين، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، ميانمار، بنگلاديش، نيپال سريلنڪا ۽ ڀارت کان پوءِ پاڪستان ۾ نئين سال جي شروعات ٿيندي آهي.