جميعت علماء طاهريه ضلعه ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي سال 2024جي سليڪشن اجلاس جامع مسجد حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم م ضلعه جيڪب آباد جي نائب صدر مولانا مفتي شفيق احمد ٻرڙو طاهري صوبائي نائب صدر خليفه علي حسن لاشاري طاهري معاون جنرل سيڪريٽري مولانا حافظ محمد موسي بروهي طاهري صوبه سنڌھ جنرل سيڪريٽري مولانا خالد حسين راڄپر طاهري جي زير صدارت م ٿي گزريو جنهن جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو ان کان بعد نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم پيش ڪئي ويئي منقبت مولوي خالد حسين اڳاوهي جن پيش ڪئي ان موقعي تي ضلعه صدر مولانا محمد عالم اوڳاهي طاهري گزريل سال جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي ان موقعي تي ليڪچر ڏيندي مولانا خالد حسين راڄپر طاهري چيو ت اسان پنهنجي روحاني رهبر مرشد سڄڻ سائين جي پيغام کي گهر گهر پهچائڻ چاهيون ٿا اسان جي روحاني قائد رهبر جو هي پيغام آھي ت بغير ڪنهن فرق نسل جي قوم جي انسانيت سان محبت ڪيون پاڻ ۾ برداشت بردباري سکون ان موقعي تي مولانا علي حسن لاشاري طاهري نئي چونڊيل باڊي جو اعلان پڻ ڪيو صدر مولانا محمد عالم اوڳاهي سينيئر نائب صدر خليفه صوفي غلام محمد ملڪ طاهري نائب صدر مولانا زين العابدين چاچڙ طاهري معاون صدر حافظ غلام مصطفي بنگوار طاهري جنرل سيڪريٽري مولانا سائين بخش ملڪ طاهري جوائنٽ سيڪريٽري منظور احمد شيخ طاهري فناس سيڪريٽري رياض احمد اوڳاهي پريس سيڪريٽري حافظ ظھور احمد اوڳاهي آفيس سيڪريٽري مولا خان محمد اوڳاهي آڊيٽر مولانا محمد زمان اوڳاهي معاون فناس سيڪريٽري مولانا غلام مجتبي ملڪ کي چونڊيو ويو ۽ حلف نامو پڻ ورتو ويو آخر م دعا خير گهري ويئي