الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور طرفان 100 گھراڻن کي ونٽر پيڪيج تحت سوڙون ۽ 200 گھراڻن کي راشن ڏيڻ جي تقريب منعقد

تفصيل موجب الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور طرفان ضلع ڀر کان آيل 100 گھراڻن کي سخت سردي جي پيش نظر ونٽر پيڪيج تحت سوڙون ۽ 200 غريب گھراڻن ۾ راشن تقسيم جي تقريب ٿي گذريو.ان موقعي تي خطاب ڪندي الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور جي صدر حافظ عمر فاروق چنه چيو ته الخدمت بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ الخدمت هميشه ڏکي وقت ۾ غريب عوام جي خدمت ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ اڄ به ان ئي سلسلي ۾ ضلعي جي 300 گھراڻن ۾ سوڙون ۽ راشن تقسيم ڪيو پيو وڃي ۽ خدمت جو اهو سفر ان شاءالله آئنده به جاري رهندو.ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور جو جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبيدالله بلوچ،سيڪريٽري اطلاعات ايڊووڪيٽ طالب حسين سبزوئي ۽ ٻيا ذميداران ۽ رضاڪار پڻ موجود هئا جڏهن ته مستفيد ٿيندڙ ماڻھن الخدمت جو شڪريو ادا ڪندي الخدمت جي خدمت واري ڪم کي ساراهيو