اتر وزيرستان: مير علي جي ڳوٺ موسڪي مان گوليون لڳل 6 لاش هٿ

اتر وزيرستان جي علائقي مير علي مان پنجاب اچي ڪم ڪندڙ 6 حجامن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي سرڪاري ذريعن موجب اتر وزيرستان جي علائقي مير علي جي ڳوٺ موسڪي مان 6 غير مقامي ماڻهن جا لاش هٿ آيا آهن جن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب مقتولن جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي فائرنگ ڪري قتل ڪيل سمورا ماڻهو پيشي جي لحاظ سان حجام هئا، جيڪي پنجاب مان هتي اچي ڪم ڪري رهيا هئا. مقتولن جون مير علي جي بازار ۾ هيئر ڪٽنگ جون دڪانون هيون. لاشن کي مير علي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.