ڪڙيو گھنور ڀرسان ڳوٺ پانڌي چانگ ۾ ڪولھي ۽ چانگ برادري وچ ۾ جهيڙي دوران چانگ برادري جا 2 نوجوان قتل ٿي ويا جڏهن ته 14 ورهين جي نينگري سخت زخمي ٿي پئي جهيڙي دوران مارجي ويلن ۾ 22 ورهين جو رمضان چانگ ۽ 30 ورهين جو حاجي چانگ ڪھاڙيون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا. جڏھن ته 14 ورهين جي نينگري خطي چانگ سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال نيو ويو آھي آخري اطلاعن تائين واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو آھي، جڏهن ته ڪڙيو گھنور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.