ڪرمپو لڳ ڳوٺ مهرو ماڙي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ رسول بخش پليجي ۽ شھيد عوام فاضل راھو جي ويجھي ساٿي حسن علي ٻپڙ جي چاليهي جي موقعي تي عوامي تحريڪ طرفان سندس اباڻي ڳوٺ مهرو ڪرمپور ۾ چاليھي جي موقعي تي جلسي عام ڪري کيس خراج

ڪرمپو لڳ ڳوٺ مهرو ماڙي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ رسول بخش پليجي ۽ شھيد عوام فاضل راھو جي ويجھي ساٿي حسن علي ٻپڙ جي چاليهي جي موقعي تي عوامي تحريڪ طرفان سندس اباڻي ڳوٺ مهرو ڪرمپور ۾ چاليھي جي موقعي تي جلسي عام ڪري کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو . جلسي عام ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سان گڏ شاعرن، قلمڪارن علائقي جي ماڻھن سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري حسن علي ٻپڙ کي پرجوش انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. لغاري، سنڌعوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار خطاب ڪندي چيو ته ساٿي حسن علي ٻپڙ سنڌ جي قومي طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھدن ۾ سرگرميءَ سان پنھنجو قومي فرض ادا ڪيو. هو ساه جي آخري گهڙين تائين فڪرِ رسول بخش پليجو سان ثابت قدم رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ، لانگ مارچن ,سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو تحريڪ، عدليا جي بحالي ۽ صحافت جي آزادي جي تحريڪ سميت ٻين ڪيترين ئي جدوجھدن ۾ سرگرميء سان پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھيو. هن چيو ته ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سکر جيڪب آباد گھوٽڪي سميت اتر سنڌ کي قبيلائي سردارن جي سھولتڪاري ۾ ڌاڙيلن جي آماجگاھ بڻايو ويو آھي.قبيلائي سردار غيرقانوني غير آئيني جرڳا ڪري عورتن کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جا حُڪم ناما جاري ڪن ٿا. سرڪاري سرپرستي ۾ قبيلائي سردارن رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آھي. ڪارو ڪاري معصوم عورتن کي سڱ چٽيء ۾ ڏيڻ عورتن کي قتل ڪرڻ ماڻھن کي اغوا ڪرڻ روز جو معمول بنجي چڪو آھي. پرويز مشرف جي سزا برقرار رکڻ وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو جمهوريت جي فتح آهي.