ڪرمپور ويجهو 25 سال اڳ ڳوٺ لعل ميراڻي ۾ ميراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي جو نيبرو بليدي اتحاد جي مرڪزي صدر ميراقبال احمد خان بجاراڻي بليدي جي سرپئيچي ۾ ٿي گذريو

خبر موجب : ڪرمپور ويجهو ڳوٺ لعل ميراڻي ۾ 25 سال اڳ ميراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پُراڻي خوني تڪرار جو نيبرو ميراقبال احمد خان بجاراڻي بليدي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو, جنهن ۾ سردارزاده عبدالفتاح تيغاڻي ۽ ٻين معززين پاران ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ويون, جنهن ۾ تيغاڻي برادري هٿان قتل ٿي ويل ميراڻي برادري جو علي گل پٽ فيض محمد ميراڻي جو خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي هڪ خون جي رقم 17 لک روپيه رکيو ويو ٻئي ڌريون پاڻ ۾ کنڊ ٿي ويا جڏھن ته ڀلڙ تيغاڻي پاران هڪ لک موقعي تي ادا ڪيو ويو بقايا رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي,۽ آخر ۾ دعائي خير گهري وئي