بخشاپور ڀرسان ڊومڪي ۾ ڦُلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي خوني تڪرار فائرنگ هڪ ڄڻو قتل 2 ڄڻا زخمي ڌُريون موچابند فائرنگ جاري

بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لطف علي ڊومڪي ۾ ڦُلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کنيو خوني تڪرار تان ٻنھي ڌرين ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ فائرنگ جي نتيجي ۾ بڊاڻي ڌر جو 50 سالا پيرسن عبدلنبي ڊومڪي بڊاڻي گوليون لڳڻ ڪري ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٻدايا پيا وڃن فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي پوليس جو چوڻ آهي ٻن ڌُرين وچ ۾ ڪيترن سالن کان تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب هي واقعو پيش آيو آهي ياد رهي ته ڦُلواڻي ڊومڪي برادري ۽ بڊاڻي ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪيتري عرسي کان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ ھن وقت تائين 13 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ آهن