ڪنڌڪوٽ:بڊاڻي ويجهو ڳوٺ محمد يعقوب خالطي ۾ چار ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميش آفيس ۾ مبينا گيس ليڪ ٿيڻ سبب فوت ٿيندڙ ڊيٽا آپريٽر ماجد حسين خالطي جي وارثن والد شاهنواز خالطي,ايڊوڪيٽ سلطان احمد,عبدالطيف,طارق حسين ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي هنن چيو ته چار ڏينهن اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ فوت ٿيندڙ ماجد حسين سميت چار ڄڻن جو موت هن وقت به ڳجهارت بڻيل آهي,اها اليڪشن ڪميشن انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپرواهي جو چٽو ثبوت آهي جو هيڏي وڏي اداري ۾ رات جو دير ڪم ڪندڙ ملازم لاء ڪابه سيڪيورٽي مقرر ڪون ٿيل هئي ۽ نه وري ڪو پٽيوالو مقرر ٿيل هو,هنن چيو ته رات جو واقعو پيش اچي ٿو ۽ صبح آفيس ۾ ملازم دير سان پهچن ٿا انهي ڳالھ ڪيترائي جنم وٺي ٿي پئي,هنن چيو واقعي بابت اليڪشن ڪميش آفيس تي ڪالون ڪرڻ جي باوجود به اسانکي اطلاع ڪون ڏنو ويو اسانکي کي ميڊيا مان هلندڙ خبرن ذريعي ڄاڻ پئي ته ماجد حسين سميت چار ملازم فوت ٿي چڪا آهن,هنن چيو ته چئن ملازمن کي ماني ڪنهن پهچائي هئي,اسانکي بروقت اطلاع ڇو نه ڏنو ويو, اهو به هڪ سوال آهي,هنن چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ انڪوائري تي اسانکي خدشو آهي ۽ اها انڪوائري اسانکي اعتماد ۾ وٺڻ بغير ڪئي پئي وڃي,هنن نگران وزير اعظم,چيف اليڪشن ڪميشن پاڪستان,چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪندي چيو ته ان معاملي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي پتو لڳايو وڃي ته واقعو ڪيئن پيش آيو.