ڪنڌڪوٽ: برسات متاثرن جي گهرن جي اڏاوت جي حوالي سان (SPHF) هينڊز جي لاڳاپيل ٽيم سان ملاقات ٿي ان موقعي تي هينڊز جي ڊسٽرڪٽ مينيجر (DM) ويرڀان تلريجا چيو ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 6500 ماڻهن جا گهر منظور ٿي چڪا آهن

ڪنڌڪوٽ: برسات متاثرن جي گهرن جي اڏاوت جي حوالي سان (SPHF) هينڊز جي لاڳاپيل ٽيم سان ملاقات ٿي ان موقعي تي هينڊز جي ڊسٽرڪٽ مينيجر (DM) ويرڀان تلريجا چيو ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 6500 ماڻهن جا گهر منظور ٿي چڪا آهن جنهن مان 3500 جي آسپاس ماڻهن جا پئسا اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيا ۽ تقريبن 3000 ماڻهو پئسا ڪڍرائي ڪم ڪرائي رهيا آهن ان موقعي تي هينڊز جي ٽيم اهو واضع ڪيو ته گهر منظور ڪرڻ يا پئسا بينڪ ۾ موڪلڻ ۾ هينڊز جو ڪوبه ڪردار نه آهي ان کن علاوه ٽيم ٻڌايو جنهن جو به گهر منظور ٿيندو يا ان جا پئسا بينڪ ۾ ايندا ته انکي سڌو سنئون موبائيل تي ميسيج اچي ويندو يا وري ٽيم ان سان رابطو ڪندي جيڪڏهن رابطو نٿو ٿي ته ڄاڻايل ايڊريس تي ٽيم هلي ايندي انهن وڌيڪ ٻڌايو ته هي پروجيڪٽ 3 سالن جو آهي سو هر مهيني مختلف ماڻهن جا ڪيس منظور به ٿيندا ۽ پئسا به اڪائونٽ ۾ اچي ويندا ان حوالي سان ٽيم اهو پڻ يقين ڏياريو ته اسان هر صورت ۾ منظور ٿيل ڪيسن جي پوئيواري ڪنداسين.وڌيڪ تعلقي تنگواني جي تعلقه سپر وائيزر نظير احمد سومرو ۽ فيلڊ انجنيئر رفيق احمد نوناري ۽ ثناءالله چيو ته ضلعي واسين کي گذارش آهي ته اطمينان رکن ۽ ڪنهن به ايجنٽ يا دوکي باز ماڻهو جي چوڻ ۾ نه اچن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪا معلومات کپي ته تعلقه سپروائيزر سان رابطي ۾ اچن