ٺڪراٺو شهر ۾ ڪجھ مهينن جي ٺاپر کانپوء هڪ دفعو ٻيهر چور سرگرم ٿي ويا شهر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو

ٺڪراٺو مان موبائل مارڪيٽ ٻاهران نامعلوم چور موٽر سائيڪل چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ جو اطلاع بروقت مبارڪپور پوليس کي ڏنو ويو پر مبارڪپور پوليس روايتي سستي برقرار رکندي دير سان پهتي موٽر سائيڪل مالڪ جو ايس ايس پي سکر  کان موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏيڻ جومطالبو
ٺڪراٺو( رپورٽ ) ٺڪراٺو شهر جي موبائل مارڪيٽ ٻاهران مبارڪپور واسي نينگرضمير پٽ قادر بخش ڀٽي جي سي ڊي 70موٽرسائيڪل نامعلوم چور چورائي ويا
نينگر مبارڪپور مان پاڙيسري جي سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2017 نمبر 2311  ٺڪراٺو شهر جي موبائل مارڪيٽ ٻاهران موٽر سائيڪل بيهاري موبائل فون سيل ڪرڻ لاء ويو ته ٻاهران نامعلوم چور موٽر سائيڪل چورائي ويا موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ ج اطلاع برقت مبارڪپور پوليس کي ڏنو سي اسين مبارڪپور شهر کان ڇھ ڪلو ميٽر جو مفاصلو طئي ڪري شهر پهتا آهيون پر ٿاڻو مبارڪپور جي چوڪي ٺڪراٺو جا اهلڪار ڇھ وکون کڻي بروقت نه پهتا ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي ڪئي اسين پورهيت مسڪين ڏهاڙي دار آهيون ايس ايس پي سکر کان مطالبو ٿا ڪريون ته چوري ٿيل  موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي : موٽر سائيڪل مالڪ ۽ متاثر
هوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور قابل ڀيو سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ جو ڪو به اطلاع ناهي مليو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون