ڪشمور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي ء موٽرسائيڪل م زوردار ٽڪر ھڪ عورت فوت ٻھ ڄڻا سخت زخمي اسپتال داخل گهر ۾ قعورام مچي ويو

تفصيل موجب ڪشمور لڳ عظيم ڦاٽڪ ويجهو انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل سوارن ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جي اميرزادي زال شاهد سومرو ۽ سندس 14 ورهين جو ڀاءُ عبدالقدير پٽ مهوال سومرو سخت زخمي ٿي پيا واقعي بعد زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو جتي زخمي عورت مائي امير زادي سومرو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي ٻئي پاسي زخمي نوجوان عبدالقدير سومرو جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن عورت جو لاش گهر پهچڻ تي سندس وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو…. فوتي عورت جا پيء ماء ڪشمور شهر جي مزاري محلا جا رهواسي هئي جيڪي پنهنجي پيءُ ماء بخشاپور کان ڪشمور ملڻ آئي هئي ۽ پنهنجي ڀاء سان واپسي پنهنجي ڳوٺ ويندي رستي ۾ بدنصيب حادثي دوران فوت ٿي وئي.