ٺڪراٺو : ويجھو پرائمري اسڪول سيرائي سبحان پور مان فرنيچر ۽ ٻيو سامان نامعلوم چور چوائي ويا چوري جي واپسي ۽ سھولتن جي اڻھوند خلاف استاد جو شاگردن سان گڏ احتجاجي مظاھرو نوٽيس جو مطالبو

رپورٽ موجب ٺڪراٺو ويجھو گورنمنٽ پرائمري اسڪول سيرائي سبحانپور کي چارديواري در دريون نه ھجڻ ڪري نامعلوم چور اسڪولي ڊيسڪون بينچون ۽ ٻيو سامان چورائي فرار ٿي ويا آھن اسڪول ۾ مقرر استاد ارباب علي سومرو ڳوٺاڻي رياض احمد مھر ۽ اسڪولي شاگردن شاگردياڻين احتجاجي مظاھرو ڪندي مقرر استاد ارباب علي سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھي قديمي اسڪول آھي 2017 ۾ اسڪول جي مرمت لاء بجيٽ آئي جيڪا ٺيڪيدار اڌ۾ ڪم ڇڏي بجيٽ ھڙپ ڪري فرار ٿي ويو آھي مون باربار انتظاميه کي آگاھي ڏني پر ڪو تحرڪ نه ورتو ويو شاگردن جي سراسري سٺي آھي پر فرنيچر جي سخت کوٽ آھي چوديواري در دريون نه ھجڻ ڪري رات به نامعلوم چور لوھ واريون ڊيسڪون بيچون ۽ ٻيو سامان چورائي ويا آھن مون اھڙو اطلاع اعلئ قيادت کي گروپ ڏئي ڇڏيو آھي ھنن احتجاج ڪندي تعليم کاتي جي انتظاميه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول کي بنيادي سھولتون مھيا ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي جيئن ٻارڙا بھتر تعليم حاصل ڪري سگھن