ٺڪراٺو : ۾ سومرا برادري جي ماڻھن جو پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج محمد اقبال سومرو محمد اسماعيل کان پنج ويصا پلاٽ خريد ڪيو ھو جنھن تي بااثر قبضي جي ڪوشش ڪن پيا پلاٽ اسانجو آھي حق وٺرائي ڏئي بااثرن ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

خبر موجب ٺڪراٺو ۾ سومرا برادري جي ماڻھن پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن وزير علي ذوالفقار علي محمد زمان سومرو صدام حسين بشير احمد سومرو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته 2013ع ۾ محمد اسماعيل سومرو کان محمد اقبال سومرو پنج ويصا پلاٽ پئسن سان خريد ڪيو ھو جنھن تي ھاڻ ڪجھ بااثر ماڻھو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽن ڀائرن محمد اسماعيل محمد موسا ۽ محمد علي سومرو جي ورھاست جي ڪري قبضو ناھي مليو لکت وارا اسٽامپ پيپر اسان وٽ موجود آھن ڀائرن جو پاڻ ۾ فيصلو پڻ ٿيل آھي پر اسانجي خريد ڪيل پلاٽ تي بااثر ماڻھو قبضي جي ڪوشش ڪن پيا احتجاج ڪندڙ ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسانجي ورتل پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ بااثر ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري اسانکي پنھنجو حق وٺرائي ڏنو وڃي.