ھالا لڳ نوجوان گولي لڳڻ سبب فوت

ھالا لڳ لقمان ڪوريجا ۾ مينھن جي واڙي ۾ ڪم ڪندڙ دوست جو پسٽل سان مشڪري ڪندي سامھون بيٺل نوجوان کي گولي لڳي پئي نوجوان واقعي واري ھنڌ ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته 30 ورھين جو نوجوان سرادار ولد سليمان ڪوريجو گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، نوجوان جي لاش جون ضروري ڪاروايون پوريون ڪرڻ لاءِ تعلقا اسپتال ھالا منتقل ڪيو ويو، لاش تعلقا اسپتال ھالا ۾ پيل چوٻول آھن ته فوتي جي دوست اياز ولد اميد علي پسٽل سان مشڪري ڪري رھيا ھئا ته سامھون بيٺل سندس دوست سردار کي گولي لڳي جيڪو واقعي واري ھنڌ ئي فوت ٿي ويو.