ڊيرا اسماعيل خان: آئل اينڊ گيس ڪمپني جي سيڪيورٽي گاڏي تي حملو، 3 ايف سي اهلڪار زخمي

آئل اينڊ گيس ڪمپني جي سيڪيورٽي گاڏي تي حملي جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن پوليس موجب نامعلوم ماڻهن آئل اينڊ گيس ڪمپني جي حفاظتي گاڏي تي حملو درازنده جي علائقي ۾ ڪيو. گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول بم جي ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو جنهن ۾ 3 ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا شروعاتي ڄاڻ موجب نامعلوم هٿياربندن ۽ حفاظتي اسڪواڊ وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. ان دوران هڪ شهري جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. فائرنگ دوران زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.