قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ مشهور اداڪاره ثنا جاويد سان ٻئي شادي ڪري ورتي آهي شعيب ملڪ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي ۽ ثنا جاويد جي شادي جون تصويرون پوسٽ ڪيون. قومي رانديگر پنهنجي تصوير پوسٽ ڪندي الحمدالله به لکيو ۽ ان سان گڏ ئي قرآن پاڪ جي آيت به لکي خانداني ذريعن موجب ثنا ۽ شعيب جي شادي جي تقريب ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ دوستن ۽ ويجهن مائتن شرڪت ڪئي. ٻنهي جي شادي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي آهي ان کان علاوه ثنا جاويد انسٽاگرام اڪائونٽ تان پنهنجو نالو ثنا جاويد مان تبديل ڪري ثنا شعيب ملڪ رکي ڇڏيو آهي ياد رهي ته اپريل 2012 ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ جوڙي شعيب ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا وچ ۾ طلاق جون افواهون ڊسمبر 2022 کان هلي رهيون هيون. طلاق جي خبرن کي ڪيترائي مهينا گذرڻ جي باوجود ٻنهي طرفان ان حوالي سان ڪابه تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي هئي ٻئي پاسي اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته 2020ع ۾ گلوڪار عمير جسوال ۽ ثنا جاويد جو نڪاح ٿيو هو نڪاح کان پوءِ ٻنهي ڄڻن انسٽاگرام تي هڪ ٻئي کي ٽيگ ڪندي انسٽاگرام اسٽوريز به شيئر ڪيون هيون. سندن طلاق جون افواهون ان وقت سامهون آيون جڏهن عمير جيسوال ثنا جاويد کان سواءِ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مڪي شريف پهچي ويو هو. ان کان علاوه ٻنهي فنڪارن پنهنجي پنهنجي انسٽاگرام پروفائيل تان پنهنجي نڪاح جون تصويرون به ڊيليٽ ڪري ڇڏيون هيون.