يارنھن مھينا اڳ غوثپور پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل شيخ برادري جي ٻن نوجوانن مير شيخ ۽ اسدالله شيخ جي ڪيس جي ايف

يارنھن مھينا اڳ غوثپور پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل شيخ برادري جي ٻن نوجوانن مير شيخ ۽ اسدالله شيخ جي ڪيس جي ايف آ۽ آر ۾ ڄاڻايل پنجن مبينه پوليس اھلڪارن ھرھڪ۔ ھئڊ محرر عبدالله چنو۔ پي سي بخت علي سومرو ۔ پي سي فياض جکراڻي۔ ضيا الحق جکراڻي ۽ عبدالرشيد جکراڻي کي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي نوڪري کان معطل ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ واضع رھي ته ته 11 مهينا اڳ غوثپور ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي پنهنجي ٽيم ساڻ ڪري گرفتار ڪيل مير خان شيخ ۽ اسد شيخ کي گرفتار ڪري سندن جي وارثن کان آزادي لاءِ 3 لک روپيا رشوت طلب ڪئي هئي رشوت واري رقم نه ڏيڻ ته غوثپور پوليس رات جي اونداهي ۾ انڊس هاءِ وي تي مقابلو ڏيکاري ٻنهي پورهيتن کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو ۔واضع رهي ته پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل مير خان شيخ ۽ اسد شيخ جي قتل ڪيس ۾ ڇھ جوابدار ڄاڻايل ھئا جن مان ايس ايڇ جو آرڊر ناھي نڪتو