ٺڪراٺو : ۽ ڀرپاسي چورن تر تپائي ڏنو ٿاڻو مبارڪپور جي آڏو مبارڪپور شهر جي شاهي بازار ستن کان وڌيڪ نامعلوم هٿياربند

ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي چورن تر تپائي ڏنو ٿاڻو مبارڪپور جي آڏو مبارڪپور شهر جي شاهي بازار ستن کان وڌيڪ نامعلوم هٿياربند چورن شهر جي چوڪيدارن کي مارڪٽ ڪري رسن سان ٻڌي پنجن دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکن روپين جي ماليت جو پرچون ، ڪپڙو رو رقم ۽ ٻيو سامان چورائي فرار ٿي ويا جنهنجو اطلاع بروقت مبارڪپور پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو جنهنجي خلاف سوين شهري ٺڪراٺو خانپور مهر جي مين روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو جنهن سبب ڪيترا ئي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل رهي مظاهرين پوليس جي اعلا عملدارن کان چوري واپس ڪرائڻ جو گهر ڪئي ۽ چوري واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو پڻ چتاء ڏئي ڇڏيو
ٺڪراٺو ( رپورٽ )ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور شھر مان نامعلوم چور پنجن پرچون جي دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن نامعلوم چور ذوالفقار نظام الدين يونس مھتم ۽ ميانداد راڄڙ جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو پيل پرچون جو سامان ۽ روڪ رقم ۽ ڪپڙو ٻُھاري فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ شھرين جو چوڻ آھي ته گذريل رات دير سان 7 ھٿياربند مبارڪپور شھر جي شاهي بازار ۾ گھڙي آيا جن اتي ويٺل چوڪيدارن امير علي مھتم ۽ نويد مهتم کي مارڪٽ ڪري ھڪ دڪان ۾ ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن دڪاندارن اھڙو اطلاع مبارڪپور پوليس کي بروقت ڏئي ڇڏيو پر مبارڪپور پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو لکين روپين جي ٿيل چوري ۽ پوليس جي بيحسي خلاف سوين شهري روڊ تي نڪري آيا ٺڪراٺو خانپور مهر مين روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو مبارڪپورپوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ڌرڻي سبب ڪترن ئي ڪلاڪن تائين ٽرئفڪ معطل ٿي وئي احتجاج ڪندڙن ذوالفقار علي محمد بخش محمد صادق مھر محمد يامين ڄام ڏھر مھتم ۽ دانھيندي چيو آھي ته گذريل رات دير سان نامعلوم ھٿياربندن شھر جي مين بازار ۾ گھڙي چوڪيدار کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ 4 دڪانن مان لکين روپين جو ڪريانه سامان ، ڪپڙو ۽ روڪ رقم چوري ڪري باآساني سان فرار ٿي ويا احتجاج ڪندڙن چيو ته ٿاڻو مبارڪپور جو ايس ايڇ او متاثرن وٽ لڙي به نه آيو آھي آئي ڏينھن چوري جي وارداتن سبب شھري سخت پريشان آھن احتجاج ڪندڙن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته ٿيل چوري واپس ڪري امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو