پنجاب ڪابينه چونڊن جي فول پروف انتظامن ۽ سيڪيورٽي لاءِ 4 ارب 10 ڪروڙ روپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينه جو 36هون اجلاس ٿيو. محسن نقوي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورين پارٽين جي ۽ آزاد اميدوارن کي آزاد چونڊ سرگرمين جي اجازت هوندي. فري اينڊ فيئر چونڊون منعقد ڪرڻ هر صورت ۾ يقيني بنايو ويندو هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي روشني ۾ سمورن اميدوارن کي جلسو ڪرڻ، گهر گهر مهم هلائڻ ۽ بينرز پوسٽرز لڳائڻ جي اجازت هوندي. سمورين پارٽين کي هڪ جهڙي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني ويندي. پاڪ فوج يا ادارن جي خلاف تقرير ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي. فري اينڊ فيئر چونڊون منهنجي ذميواري آهي جنهن کي مان هر صورت ۾ پوري ڪندس. عام چونڊن کي پرامن ۽ آزاد ماحول ۾ منعقد ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان پورو تعاون ڪنداسين ڪابينه جي اجلاس ۾ عام چونڊن کي فول پروف انتظامن ۽ سيڪيورٽي لاءِ 4 ارب 10 ڪروڙ روپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ مناوان لاهور ۾ پنجاب ڪينسر ڪيئر اسپتال جي قيام لاءِ 8 ارب روپين جي فنڊن جي منظوري ڏني وئي. صحت سهولت پروگرام جي تحت مريضن جي علاج لاءِ نون قدمن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس جي دوران محسن نقوي وڏين اسپتالن ۾ ليب ٽيسٽ جي فيس وڌائڻ جي تجويز تي عمل کان روڪي ڇڏيو.