اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عام چونڊن لاءِ جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي مڪمل طور پابندي ڪرائڻ سميت آر اوز ۽ اي آر اوز پنهنجي ذميواريون سٺي ريت ادا ڪندي پرامن، اڻڌريو ۽ شفاف بنائڻ ۾ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور امير فضل اويسي عام چونڊ ۾ اميدوارن جي ضابطه اخلاق بابت ڪوٺايل اعليٰ سطحئ گڏجاڻي دوران ڪيو. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي بشير احمد بروهي ، وينگ ڪمانڊر رينجرز , ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ جنرل اليڪشن جي سال 2024 جي مڙهني صوبائي ۽ وفاقي تڪ جي اميدوارن شرڪت ڪئي. ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر چيو ته صاف شفاف، اڻ ڌريو، پرامن چونڊ ڪرائڻ اسانجي قومي ذميواري آهي سمورا مقرر ڪيل آفيسر فرض شناسي ۽ مثبت نموني قومي ڪاز ۾ پنهنجو ڪردارنڀائيندا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق بابت سمورن اميدوارن کي آگاهي ڏني وڃي ٿي تي ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪيو وڃي گڏجاڻي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران اميدوارن لاء جاري ڪيل ضابطه اخلاق جنهن ۾ عمومي رويي , چونڊ مهم , تشهير مهم ,جلوس , چونڊ جي ڏينهن اميدوارن جو ضابطه اخلاق سميت اليڪشن ايجينٽ ۽ پولينگ اجينٽ جي ضابطه اخلاق بابت تفصيلي بريفينگ ڏني وئي . جيڪي اميدوار ضابطه اخلاق جي گڏجاڻي ۾ شرڪت نه ڪندڙ اميدوار خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ان موقعي تي ايس ايس پي چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي پوليس پاران حفاظتي اپائن بابت پلان جوڙيو ويو آهي ڊي آر او، آر اوز ۽ اي آراوز سميت ٻين آفيسرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ضلعي پوليس پاران هر سطح تي سهڪار ڪيو ويندو ڪنهن به شڪايت لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو